صحاح سته

صحاح سته: اهلسنت جي عقيدي مطابق امام بخاري، امام ابو داؤد، امام محمد ابن ماجه، امام ابو عيسيٰ ترمذي، امام نسائي ۽ امام مسلم حديثن جا مستند ڪتاب لکيا، انهن ڇهن ئي عالمن جي ڇهن ئي مستند حديثن جي ڪتابن کي ’صحاح سته‘ چيو وڃي ٿو. انهن عالمن مستند حديثون ضعيف حديثن کان پري ڪري پنهنجي ڪتابن ۾ شامل ڪيون آهن. انهن ڇهن ئي عالمن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو: (1) امام بخاري: امام ابو عبدالله محمد بن اسماعيل ابن المغيره البخاري نامور محدث ۽ ناقد حديث ٿي گذريو آهي. هن حديثن بابت مستند ڪتاب ‘الجامع الصحيح’ نالي لکيو، جيڪو ‘صحيح بخاري’ نالي سان مشهور آهي. امام بخاري تقريباً لک کان مٿي حديثن مان چونڊي چونڊي 7275 مستند حديثون پنهنجي مستند ڪتاب ۾ داخل ڪيون. امام بخاري 194هه/ 809ع ۾ ڄائو ۽ 256هه/ 870ع ۾ وفات ڪيائين. (2) امام ابو داؤد: امام ابو داؤد سليمان بن الاشعث نامور محدث 202هه/ 817ع ۾ ڄائو. هن مصر، شام، حجاز، عراق، خراسان ۽ جزيره وغيره ۾ علم پرايو. صحاح سته ۾ هن جو مستند ڪتاب ‘سنن ابي داؤد’ شامل آهن. ‘سُنن ابي داؤد’ لکڻ وقت وٽس پنج لک حديثون موجود هيون، جن مان مستند حديثون چونڊ ڪري چار هزار اٺ سؤ ‘سنن ابي داؤد’ ۾ شامل ڪيائين. امام ابو داؤد 275هه/889ع ۾ وفات ڪئي ۽ بصري شهر ۾ دفن آهي. (3) محمد ابن ماجه: ابو عبدالله محمد بن يزيد. ابن ماجه 209هه/824ع ۾ پيدا ٿيو. هي پنهنجي دؤر جو وڏو محدث هو. هن ڪافي ناياب ڪتاب تصنيب ڪيا آهن پر انهن سڀني مان ‘سُنن، ابن ماجه’ صحاح سته ۾ شامل آهي، جنهن ۾ چونڊ مستند حديثون شامل آهن. هن بزرگ 273هه/ 886ع ۾ وفات ڪئي. (4) امام ترمذي: ابو عيسيٰ محمد بن عيسيٰ ترمذي نامور محدث ۽ فقيھ هو. هن جو ڪتاب ’جامع ڪبير ترمذي‘ مستند حديثن تي مشتمل آهي جيڪو صحاح سته ۾ شامل آهي. هي عالم 202هه/817ع ۾ ڄائو ۽ 279هه/ 892ع ۾ وفات ڪيائين. (5) امام نسائي: قاضي ابو عبدالرحمٰن احمد بن علي المعروف به امام نسائي شيخ الاسلام، حافظ الحديث ۽ علم حديث جو وڏو ڄاڻو هو. هن جي ولادت 215هه/ 830ع ۾ ٿي. هن حديثن تي ٻه مستند ڪتاب لکيا هڪ ‘سنن صغريٰ’ ۽ ٻيو ‘سنن ڪبريٰ’ هو. اهي ٻئي ڪتاب ‘سنن نسائي’ جي نالي سان صحاح سته ۾ شامل آهن. هن کي ‘مناقب مرتضوي المعروف به خصائص علي ابن ابي طالب’ ڪتاب لکڻ ڪري 303هه/ 915ع ۾ شهيد ڪيو ويو. (6) امام مسلم: امام مسلم بن الحجاج القشيري نيشاپوري وڏو محدث، عالم ۽ فقيھ هو. هن جي ولادت 202هه/ 817ع ۾ ٿي. سندس تصنيفن مان ‘صحيح مسلم’ مستند حديثن وارو ڪتاب صحاح سته ۾ شامل آهي. هي هر وقت حديثن بابت تحقيق ۾ مشغول رهندو هو. هڪ دفعي هن کان ڪنهن هڪ حديث بابت سوال ڪيو ۽ هي پنهنجي گهر اچي پنهنجي ڪتب خاني ۾ ان حديث بابت تحقيق ۾ لڳي ويو. هن جي پاسي ۾ هڪ کجور جو ڀريل ٽوڪرو رکيل هو. هي تحقيق ۾ لڳي پيو هو ۽ کجور به کائيندو ويو ۽ آخر حد کان گهڻي کجور کائڻ سبب سندس وفات ٿي، اهو واقعو 261هه/875ع ۾ پيش آيو. ‘صحاح سته’ ۾ امام بخاري جو ‘الجامع الصحيح’، امام ابو داؤد جو ‘سنن ابي داؤد’، محمد ابن ماجه جو ‘سنن ابن ماجه’، امام ترمذي جو ‘جامع ڪبير ترمذي’، امام نسائي جو ‘سنن نسائي’ ۽ امام مسلم جو ‘صحيح مسلم’ ڪتاب شامل آهن، جيڪي مستند حديثن جا ڪتاب سمجهيا وڃن ٿا.


لفظ صحاح ستهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو